برف اها شئي آهي، جيڪا گرم ٿيندي ئي ڳري ويندي آهي پر چين ۾ حيران ڪندڙ طور برف سان باربي ڪيو ڊش ٺاهي پئي وڃي.
چينين جي حوالي سان مشهور آهي ته اها هر شئي کائڻ جو حوصلو رکندا آهن ۽ اتي اهڙيون اهڙيون شيون تيار ڪيون وينديون آهن، جيڪي ٻين ملڪن ۾ سوچي به نه ٿيون سگهجن.
ڪجهه عرصو اڳ اتي پٿرن جي ڪڙاهي تمام گهڻي مقبول ٿي هئي ۽ هاڻ اتي برف باربي ڪيو جي هاڪَ آهي.
برف کي سدائين گرم شئي کي ٿڌو ڪرڻ ۽ روح کي راحت پهچائڻ لاءِ شربتن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي پر هاڻ چين ۾ ان تي مصالحه لڳائي پچائي باربي ڪيو جي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين ۾ اڄڪلهه برف جو باربي ڪيو اسٽريٽ فوڊ طور مقبول ٿي رهيو آهي ۽ جيانگ شي صوبي جي نانچانگ ۾ اسٽريٽ فوڊ اسٽال تي برف کي گِرل تي پچائڻ جي هڪ مختصر وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.
رپورٽ موجب چين ۾ ان منفرد ڊش کي موٽ ملي رهي آهي ۽ شهري ان مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
ان مختصر وڊيو ۾ وڏي آئس ڪيوبز کي کليل گرل تي چٽڻي ۽ مصالحي سان پچائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
واضح رهي ته ان کان اڳ چين ۾ پٿرن سان ٺهيل ڪڙاهي جي ڊش متعارف ڪرائي وئي هئي.
Prev Post
You might also like