دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو ٽاءِ ڇو ٿا پهرن؟ اها ڪيئن ايجاد ٿي؟

سڄي دنيا ۾ ۾ ڪروڙين ماڻهو ٽاءِ پهريندا آهن، ائين اُهي مجبوري ۾ ڪندا آهن يا پنهنجي شوق سان، پر جو استعمال ٿيندو ضرور آهي.

پر آخر ٽاءِ جو استعمال ٿيندو ڇو آهي يا اها لباس جو حصو ڪيئڻ بڻجي وئي؟

يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر ان جي تاريخ گھڻي دلچسپ آهي.

ٽاءِ ڪيئن لباس جو حصو بڻي اها تاريخ پيچيدا آهي.

ٽاءِ ڪنهن ايجاد ڪئي؟

ٽاءِ جي ايجاد بنيادي طور تي ڪروشيا سان واسطو رکندڙ ماڻحن ڪئي آهي ۽ شروع ۾ اها بلڪل مختلف شڪل جي هوندي هئي.

ايجاد ته ان کي ڪروشيا جي ماڻهن ڪيو پر موجودا دور جي فيشن جو حصو ان کي فرانسيسي عوام بڻايو.

ٽاءِ جي تاريخ جي شروعات 17 هين صدي ۾ يورپ ۾ 30 سالن جي جنگ دوران ٿي جنهن ڪيترن ئي يورپي ملڪن حصو ورتو هو.

1618کان 1646 تائين جاري رهندڙ ان جنگ دوران فرانس ڪروشيا سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو خدمتون حاصل ڪيون هيون جيڪي پنهنجي وردي سان گڏ ڳلي ۾ روايتي رومال عجيب انداز ۾ ٻڌندا هئا.

اهو رومال ڪوٽ يا جيڪٽ جي مٿان هوندا هئا جيڪي ڪالر کي ملائي رکندا هئا.

پڄاڻي جي ويجهو انهن فوجين کي فرانسيسي بادشاهه لوئس 14 جي آڏو پيش ڪيو ويو.

بادشاهه سندن ڳچين ۾ رومال ڏٺو ته کيس گھڻو پسند آيو ۽ هن 1846ع ۾ ان کي پاڻ پهرڻ شروع ڪري ڇڏيو.

ان وقت لوئس 14 جي عمر 7 يا 8 سال هئي ۽ هن ان ٽاءِ کي ڪروشيا جي فوجين جي نالي تي La Cravate جو نالو ڏنو، هينئر به فرينچ ٻولي ۾ ٽاءِ لاءِ اهو ئي لفظ استعمال ٿيندو آهي.

لوئس 14 ٽآءِ جو استعمال شاهي تقريبن لاءِ لازمي قرار ڏنو، جنهن ۾ بادشاهه ۽ ٻين معززين اهو رومال پهريندا هئا.

اهڙيءَ طرح اهو فيشن يورپ ۾ پکڙجي ويو.

ان وقت ڪيل تبديلي

وقت سان گڏ يورپ ۾ تبديليون آيو ۽ اهو ئي La Cravate سان به ٿيو.

ڪروشيا جا فوجي ته ان ڪالر ملائي رکڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا پر يورپ ۾ ٽاءِ کي اعليٰ سماجي مانَ جي نشاني تصور ڪيو ويو.

ماڻهو ان جي ذريعي پنهنجي طاقت، دولت ۽ مانَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ 1800 جي ڏهاڪي ۾ اسڪارف کي ان مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي.

صنعي انقلاب

موجودا دور جي ٽاءِ صنعتي انقلاب جو نتيجو آهي، ان کان اڳ گھڻن ماڻهن لاءِ ٽاءِ خريد ڪرڻ گھڻو ڏکيو هوندو هو.

صنعتي انقلاب کان پوءِ ڪاٽن، لينن ۽ سلڪ مان ٺهيل ڪپڙا عام ۽ سستا ٿي ويا هئا ۽ ٽاءِ جو استعمال به عام ٿي ويو.

جديد ٽاءِ

19 هين صدي ۾ ٽاءِ جي ارتقا جو سلسلو جاري رهيو ۽ 20 هين صدي جي شروعات ۾ هڪ ڪمپني اهڙيون ٽائيون تيار ڪرڻ شروع ڪيون جيڪي موجودا درو جهڙيون هيون.

ان ڪمپني پنهنجي ڊزائين ڪيل ٽاءِ جو پيٽنٽ داخل ڪرايو ۽ ان کي ان حساب سان ڪاٽيو ويو ۽ ان جي ڊيگهه ڳلي کان پيٽ تائي ٿي وئي.

پر هن دور جي ٽاءِ جي ڊيگهه موجودا دور کان ڪجهه گھٽ آهي.

اينڊڙ 40 سالن تائين ٽاءِ ۾ تبديليون ٿينديون رهيون ۽ ٻين جنگ عظيم کان پوءِ ٽاءِ کي سنهڙو ۽ ڊگھيو ڪيو ويو جڏهن ته ان کي بزنس سوٽ جو لازمي حصو بڻايو ويو.

1990ع جي ڏهاڪي ۾ ڊگھي ۽ رنگين ٽاءِ جي استعمال جي شروعات ٿي ۽ هينئر به ڪروڙين ماڻهو ٽاءِ جو استعمال ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.