ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بجلي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ۽ هڙتال تي جماعت اسلامي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
جماعت اسلامي ڪارڪنن خلاف شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ گوڙ گهمسان ڪرڻ، روڊ بند ڪرڻ جا قلم شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نامزد وڌيڪ 45 ڄڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
واضح رهي ته جماعت اسلامي طرفان بجلي جي ڳرن بلن خلاف گذريل ڏينهن احتجاج ڪيو ويو هو.
Next Post
You might also like