اسلام آباد(م ڊ) نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهه ٻولهه کي غلط رپورٽ ڪيو ويو آهي.مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم اهو ناهي چيو ته بجلي جي بلن جو مسئلو ناهي. نگران وزيراعظم ان معاملي تي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حل لاءِ حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.هن چيو ته نگران حڪومت مالي ادارن سان ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙي کان بغير عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي.هن چيو ته وزيراعظم جي 31 آگسٽ واري ملاقات ۽ صحافين سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جا ڪجهه حصا بي بنياد آهن.