بجلي جي ڳرن بلن ۾ رليف لاءِ ”عملي منصوبو“ پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد بجلي جي ڳرن بلن ۾ رليف لاءِ ”عملي منصوبو“ پيش ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري پيغام ۾ مشتاق احمد چيو ته گهريلو واهپيدارن لاءِ 200 يونٽ بدران 300 يونٽ جي رعايتي حد هجي ته انهن کي 16 رپيا في يونٽ بجلي ملندي ۽ ان سان ٻه ڪروڙ 80 لک گهريلو واهپيدارن مان ٻه ڪروڙ 43 لک واهپيدارن جي بجلي جو بل غير معمولي گهٽ ٿي ويندو، جنهن تي ڪُل خرچ 326 ارب رپيا آهي.
هن چيو ته ان لاءِ فوج جي 2000 ارب رپين جي (نان ڪامبيٽ) بجيٽ مان 100 ارب رپيا، پي ايس ڊي پي جي 1500 ارب رپين جي بجيٽ مان 100 ارب رپيا، خساري ۾ ويندڙ رياستي ادارن جهڙوڪ ريلوي، پي آءِ اي، اسٽيل مل، واپڊا لاءِ مختص ڪيل 350 ارب رپين مان به 100 ارب رپيا ورتا وڃن ته ڪنهن کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.