ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽکي پنهنجن ٻنهي پٽن جي ياد اچڻ لڳي آهي جنهن بعد هن جذباتي پيغام شيئر ڪيو آهي.
ماڌوري ڊڪشٽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پيغام ۾ ٻنهي پٽن آريان ۽ ريان لاءِ لکيو.
هن پٽن جو تڏهن جون تصويرون شيئر ڪيون جڏهن هو ڪاليج ۾ پڙهندا هئا.
پوسٽ ذريعي اداڪارا مداحن کي ٻڌايو ته منهنجا ٻارو، وقت ڪٿان کان ڪٿي هليو ويو، توهان ٻئي ڪاليج ۾ ڪيئن ٿي سگهو ٿا؟ مان توهان جي حوالي سان پرجوش آهيان ۽ چاهيان ٿي ته اوهان پنهنجو بهترين اظهار بڻجو.
ماڌوري چيو ته مان اوهان سان هميشه پيار ڪريان ٿي ۽ هر وقت ياد ڪندي آهيان، اوهان ٻنهي کانسواءِ گهر خالي لڳي ٿو.
ان پوسٽ مان لڳي ٿو ته سندس پٽ تعليم جي حوالي سان ساڻس گڏ نه آهن.