عمران خان ادارن ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي: پي ٽي آءِ وڪيل

اٽڪ (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين جي قانوني ٽيم جي ميمبر بئريسٽر گوهر علي اٽڪ جيل ۾ ملاقات کانپوءِ چيو آهي ته عمران خان ادارن ۽ سياسي جماعتن سان گفتگو لاءِ تيار آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي قانوني ٽيم اٽڪ جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي، وڪيلن ۾ انتظار پنجوٿا، شعيب شاهين، نعيم پنجوٿا ۽ گوهر علي شامل هئا، جڏهن ته عمران خان جو ذاتي ڊاڪٽر فيصل سلطان به جيل پهتو.
ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر علي چيو ته پي ٽي آءِ چيو کيس جيل ۾ ناجائز طور وڌو ويو آهي پر ان باوجود هو ادارن ۽ سياسي جماعتن سان گفتگو لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته عمران خان تندرست ۽ مڪمل فٽ اهي، سندس پيغام آهي ته سياسي استڪام اچڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته ملڪ ۾ عدالتن جو احترام ناهي، مان ڪا ڊيل ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.