ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت جي خلاف سندس اڳوڻي مڙس عادل خان دراني 200 ڪروڙ ڏنڊ ۽ ساک متاثر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عادل خان دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو انهيءَ عدالت کان انصاف وٺندو جتان هن جي خلاف ڪيس هلايا ويا، کيس بدنام ڪيو ويو ۽ هن کي جيل موڪليو ويو.
ميڊيا رپورٽس موجب عادل خان دراني جي وڪيل ٻڌايو ته هن راکي ساونت پاران 100 ڪروڙ ڏنڊ جي ڪوڙي ڪيس جي جواب ۾ 200 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جو ساک متاثر ڪرڻ وارو ڪيس داخل ڪرايو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عادل خان دراني جي وڪيل ٻڌايو ته هن عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته راکي ساونت جي خلاف CRPC جي قلم 200 تحت ڪيس هلايو وڃي.
Prev Post
You might also like