پلاسٽڪ سرجري غلط ٿيڻ سبب اداڪارا فوت

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽائن جي اداڪارا ۽ مادل سلوينا لونا بُڪيون فيل ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ارجنٽائن جي مادل ۽ اداڪارا سلوينا لونا 43 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، نوجوان اداڪارا 2011ع ۾ ٿيل غلط پلاسٽڪ سرجري جي پيچيدگين سان وڙهي رهي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب سلوينا لونا اسپتال ۾ داخل هئي ۽ ماضي ۾ ڪرايل هڪ پلاسٽڪ سرجري جي غلط ٿيڻ سبب بُڪين جي بيماري ۾ مبتلا هئي.
سلوينا جي وڪيل اداڪارا جي موت جي خبر جي تصديق ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن طرفان اميد نه هئڻ جو بيان ڏيڻ بعد اداڪارا جي خاندان کيس لائف سپورٽ تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.

Argentine actress Silvina Luna has passed away at the age of 43
ٻي پاسي اداڪارا جي خاندان ۽ دوستن طرفان لونا جي موت تي چيو آهي ته اسان سدائين لونا سان محبت ڪئي آهي، هو اسان کي سدائين ياد رهندي.
واضح رهي ته اداڪارا لونا 2011ع ۾ هڪ پلاسٽڪ سرجري ڪرائي هئي، ان دوران سندس جسم ۾ ڪجهه زهريلن مادن جو استعمال ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ هو صحت بابت مختليف پيچيدگين کي منهن ڏئي رهي هئي.
لونا ڊگھي عرصي کان بيمار هئي ۽ کيس پنهنجي زندگي برقرار رکڻ لاءِ هفتي ۾ ٽي ڀيرا ڊائلاسس سيشنز مان گذرڻو پوندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.