هٿرادو ذهانت سان ٺهيل تصوير جي سڃاڻپ لاءِ فيچر متعارف

هٿرادو ذهانت يا آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان تيار ڪيل تصوير جي سڃاڻپ لاءِ گوگل اهم فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.
رپورٽ موجب هٿرادو ذهانت سان تيار ڪيل تصوير حيران ڪندڙ طور تي اصلي سان هڪجهڙائي رکنديون آهن جن کي فوري طور تي سڃاڻڻ لاءِ ڪو به ٽول موجود ناهي.
پر گوگل ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي ان جي سڃاڻپ لاءِ ٽول آندو آهي جنهن کي synthID جو نالو ڏنو ويو آهي. ٽول کي گوگل ڪلائوڊ گوگل ڊيپ مائنڊ ۽ گوگل رسرچ جي ڀائيواري سان تيار ڪيو آهي.
SynthID اي آءِ سان تيار ڪيل تصوير ۾ هڪ ڳجهو ڪوڊ (واٽر مارڪ) ڇڏيندي آهي جيڪو انسان جي اک کان لڪيل رهندو آهي پر ڪمپيوٽر جي مدد سان ان جو پتو لڳائي سگھجي ٿو.
اهو ٽول اسپيشل واهپيدارن لاءِ جيڪو VertexAI ۽ Imagen استعمال ڪندا آهن. Imagen سمارٽ سسٽم آهي جيڪو (Text) کي تصوير ۾ تبديل ڪندو اهي.
SynthID گھڻي سٺي نموني سان ڪم نٿو ڪري سگھي پر جعلي تصوير کي سڃاڻڻ لاءِ کنيل اهو پهريون قدم آهي.
ٽول جو واٽر مارڪ تصوير جي ڪوالٽي کي متاثر ناهي ڪندو. جيڪڏهن تصوير جو رنگ ۽ سائز به تبديل ڪئيوڃي ته واٽر مارڪ ڳجهي طور تي ان ۾ موجود رهندو آهي. في الحال ان ٽول جي استعمال جا تفصيل سامهون ناهن آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.