پيٽرول چڙهڻ کانپوءِ هر شئي مهانگي ٿي وئي، غريب ويلي لاءِ پريشان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ کانپوءِ بنيادي شين جا اگهه به آسمان تي پهچي ويا، کنڊ، داليون، سبزيون ۽ گيهه مهانگو ٿي ويو، جنهن سبب غريب ويلي لاءِ پريشان ٿي ويو آهي.
مهانگي بجلي ۽ مهانگي پيٽرول کانپوءِ عام واهپي جي شين جي اگهه به چوٽ چڙهي ويا، مهانگائي جي حوالي سان ڳڻپ کاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب کنڊ، داليون، سبزيون، گيهه ۽ ڳڙ به مهانگو ٿي ويو آهي، آگسٽ ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي ۾ 1.60 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي ۾ 1.88 سيڪڙو مهانگائي ۾ واڌ ٿي.
هڪ هفتي دوران به مهانگائي جي شرح 0.54 سيڪڙو وڌي، ان دوران 20 ضروري شين جا اگهه وڌيا، 8 شين جي اگهه گهٽيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.