چنڊ تي لهڻ کان پوءِ ڀارتي مشن سج ڏانهن روانو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت چنڊ تي لهڻ جي مشن ۾ ڪاميابي کان پوءِ سج ڏانهن خلائي مشن ”آدتيا ايل ون“ روانو ڪري ڇڏيو، ان سان سج بابت ڄاڻڻ ۾ گھڻي مدد ملندي.
آنڌرا پرديش رياست جي ستيش ڌون اسپيس سينٽر تان آدتيا ايل ون نالي مشن سج ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو چئن مهينن ۾ سج جي وجهو پهچي ويندو.
اهو سج ڏانهن موڪليل پهريون ڀارتي مشن آهي، اسرو موجب ان سان سج بابت ڄاڻڻ ۾ گھڻي مدد ملندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو مشن اڄ مقامي وقت موجب صبح جو 11 لڳي 50 منٽن تي روانو ڪيو ويو، آدتيا ايل ون مشن جو سفر 125 ڏينهن جو آهي.

اهو مشن چندريان جيان پهريان زمين جي مدار ۾ اونچائي تي گردش ڪندو ۽ اتان وڌيڪ تيزي سان سج ڏانهن وڌندو زمين کان تقريبن 15 لک ڪلوميٽر جي اونچائي تي پهچي زمين ۽ سج جي ڪشش وچ ۾ هڪ اهڙي هنڌ بيهندو، جنهن کي سائنسي اصطلاح ۾ ايل ون چيو ويندوآهي.
آدتيا ايل ون مشن کي سج جون خاصيتون ڄاڻڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڀارت پنهنجي ان مشن ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اهو سج ڏانهن سيٽلائٽ موڪليندڙ دنيا جو چوٿون ملڪ بڻجي ويندو.
ڀارت کان اڳ ناسان ۽ يورپين اسپيس ايجنسي جا مشنز سج ڏانهن موڪليا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.