دهشتگردن جون بزدلاڻيون سازشون فوج ۽ قوم کي ڪڏهن به جهڪائي نٿيون سگھن: آرمي چيف

بنون (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير بنون جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون سازشون فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ قوم کي ڪڏهن به جهڪائي نٿيون سگھن.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بنون جو دورو ڪيو جتي کيس گذريل ڏينهن ٿيل آپگهات ڌماڪي ۽ سيڪيورٽي بابت قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته بنون ۾ گذريل ڏينهن فوجي قافلي تي آپگهات حملي ۾ 9 فوجي شهيد ٿيا هئا.

آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقاتون به ڪيون ۽ سندن عزم جي ساراهه ڪئي. ان کانسواءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير بنون ڌماڪي ۾ زخمي ماڻهن جي عيادت لاءِ سي ايم ايڇ به ويو ۽ زخمين کان صحت دريافت ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي جو اسان جو عزم ڪمزور نٿا ڪري سگهن، پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي شهيدن جي قربانين وسيلي سان آهي ۽ هٿياربند فوج وطن مان دهشتگردن جي ناسور کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته قوم ڏک جي ان گهڙي ۾ شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستاني فوج دهشتگردي جي خلاف ڪردار ادا ڪندي رهندي.

جنرل عاصم منير فوجين جي بلند حوصلي ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون سازشون فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ قوم کي ڪڏهن به نٿيون جهڪائي سگھن، اسان دهشتگردن جي خلاف ڊگھي جنگ وڙهي آهي ۽ آخري دم تائين وڙهندا رهنداسين.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي ڀُل آهي ته اهي اسان جي عزم ۽ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪري سگھن ٿا، قوم شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪري ٿي ۽ سندن قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.