آئيندا ڪڏهن به ائين نه ڪندس، شاهه رخ خان جو مداحن لاءِ وڏو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان دبئي جي برج خليفه تي فلم ”جوان“ جي ٽريلر جي رليز دوران انوکي ڳالهه ڪري ڇڏي.
بالي ووڊ سپر اسٽار چيو ته هن کي ان فلم ۾ ڪيترائي ڪردار ڪرڻا پيا ڇو جو ان ۾ تفريح جو هر ممڪن عنصر شامل آهي.
شاهه رخ خان چيو ته فلم لاءِ کيس گنجو ٿيڻو پيو.
اداڪار دلچسپ انداز اپنائيندي چيو ته آئون ماڻهن لاءِ گنجو به ٿي ويو آهيان تنهنڪري ان جي عزت لاءِ هليا وڃجو.
هن چيو ته مون کي فلم ۾ 6 يا 7 گيٽ اپ ڪرڻا پيا، ۽ آئون گنجو به ٿيو آهيان. تنهنڪري اها هڪ اهڙي شيءَ آهي جيڪا آئون زندگي ۾ ڪڏهن به ٻيهر نه ڪندس، اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو آهي.
اداڪار چيو ته ايڪشن فلم جو مقصد ٻولي، مذهب، ذات پات، نسل يا رنگ جي ڪنهن به رنڊڪ کانسواءِ ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ هو.
ان کان پوءِ هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ان دنيا جي سڀ وڏي طاقت يعني عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، تنهنڪري اسان کي انهن کي بااختيار بڻائڻو پوندو، تنهنڪري فلم ان بابت آهي پر ان ۾ محبت، خوشي، ايڪشن، ڊراما، جذبا سڀ ڪجهه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.