دنيا جا 7 خطرناڪ ترين هوائي اڏا ڪهڙا آهن؟

هوائي سفر هڪ کان ٻئي هنڌ پهچڻ جو محفوظ ذريعو آهي.

روز سڄي دنيا ۾ هزارين جهاز سفر ڪندا آهن ۽ ڪنهن به حادثي جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

حقيقت م انٽرنيشنل ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي 2022ع جي سيفٽي رپورٽ موجب گذريل سال 3 ڪروڙ 22 لک ڪمرشل اڏامن مان رڳو 5 حادثن کي منهن ڏنو.

اهو رڪارڊ متاثر ڪندڙ آهي ۽ ائين گذريل ڏهاڪن ۾ ايويئيشن جي صنعت ۾ مسافرن جي تحفظ تي گھڻو ڌيان ڏيڻ سبب ٿيو آهي.

پر دنيا جا ڪجهه ايئرپورٽس اهڙا آهن جتان اڏام ڀرڻ يا لهڻ گھٽ ڏکيو هجي ٿو ۽ ماهر پائلٽس ئي اهو ڪم ڪري سگھن ٿا.

اهڙن ئي ڪجهه هوائي اڏن بابت ڄاڻيون ٿا جن کي ٽيڪ آف يا لينڊنگ لاءِ گھڻو خطرناڪ تصور ڪيو ويندو آهي.

Barra Airport، اسڪاٽ لينڊ

اها ايئرپورٽ اسڪاٽ ليند جي اولهه واري سامونڊي حصي ۾ هڪ ننڍي ٻيٽ تي آهي.

گهڻو پري هجڻ سبب ان ايئرپورٽ تي رڳو هڪ ڪنٽرول ٽاور ۽ هڪ ننڍي انٽينا موجود آهي پر حقيقي رن ون لاءِ ڪو به هنڌ موجود ناهي.

اهو ئي سبب آهي جو اتي جهاز واري تي لينڊ ڪندا آهن.

هوا موجب جهاز ڪنهن به رخ کان اچي سامونڊي واريءَ تي لهندا آهن.

اها اڪيلي ايئرپورٽ آهي جنهن ۾ جهازن کي واريءَ تي لينڊ ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ ان لاءِ پائلٽس کي غير امڪاني موسم لاءِ تيار رهڻو پوندو آهي.

پر اتي رڳو هڪ ئي جهاز ڪمپني جا جهاز لهندا آهن.

Poro International Airport، ڀوٽان

ڀوٽان جي ان ايئرپورٽ کي جغرافيائي لحاظ سان دنيا جي پيچيدهه ترين ايئرپورٽس مان هڪ تصور ڪيو ويندو آهي.

18 هزار بلند چوٽين ۽ گھاٽي ٻيلي جي وچ ۾ هڪ وادي ۾ موجود ان ايئرپورٽ تي لهڻ يا اڏامڻ لاءِ پائلٽس کي خاص تربيت ڏني ويندي آهي.

ان ايئرپورٽ تي رڳو ڏينهن جي وقت جهازن کي لينڊ يا ٽيڪ آف ڪرڻ جي اجازت آهي.

ان جو رن وي به ننڍو آهي جيڪو 6500 فوٽ جو آهي جڏهن ته اتي لهڻ لاءِ پائلٽ کي 45 ڊگري جو خطرناڪ موڙ به وٺڻو پوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو جهازن کي مخصوص رفتار ۽ ٻين رخن کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي.

۽ ها ايئرپورٽ ريڊار کان به محروم آهي تنهنڪري پائلٽس کي پنهنجي اکين ۽ تربيت تي ڀاڙڻو پوندو آهي.

Jucancho E Yrausquin Airport، ڊچ ڪيريبين

دنيا جي ننڍي ترين ڪمرشل رن وي جو اعزاز ان ايئرپورٽ وٽ آهي.

اها رن وي رڳو 1300 فوٽ جي آهي ۽ ان جي چوڌاري چوٽيون موجود آهن تنهنڪري پائلٽس وٽ غلطي ڪرڻ جي گنجائش بلڪل ناهي هوندي.

پائلٽس کي اهو به خيال رکڻو پوندو آهي ته جهاز کي رن وي جي ختم ٿيڻ کان اڳ روڪيو وڃي نه ته جهاز سڌو سمنڊ ۾ به لهي سگھي ٿو.

اتي لهڻ لاءِ به پائلٽس کي خاص تربيت ڏني ويندي آهي ۽ رڳو هڪ هوائي ڪمپني جا جهاز ئي اتي لهندا ۽ اتان اڏامندا آهن.

Courchevel International Airport، فرنچ الپس

ان ايئرپورٽ تي لهڻ يا اتان اڏامڻ لاءِ به خاص تربيت يافتا پائلٽس جي ضرورت هوندي آهي ڇو ان جي به رن وي رڳو 1700 فوٽ جي آهي.

ان ايئرپورٽ ۾ روشنيون يا گائيڊنس سسٽمزبه موجود ناهن جنهن جي ڪري جهاز سٺي موسم ۾ اتي لهي سگھن ٿا.

جيڪڏهن تيز هوا گُهلي رهي هجي ته اتي لينڊنگ ڪرڻ يا ٽيڪ آف ڪرڻ گھڻو خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.

Toncontin International Airport، هونڊوراس

هونڊور جي راڄڌاني ۾ موجود ان ايئرپورٽ تي لهڻ لاءِ پائلٽ کي پهريان جابلو هصي جي چوڌاري چڪر لڳائي جهاز کي خطرناڪ انداز ۾ موڙڻو پوندو آهي.

ان سان گڏوگڏ 7100 فوٽ جو ننڍو رن وي به پائلٽ جي صلاحيت جو امتحان ٿابت ٿيندو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو 2021 ۾ هڪ نئون عالمي هوائي اڏو مسافرن لاءِ کوليو ويو ۽ هاڻ Toncontin ائيرپورٽ کي رڳو مقامي اڏامن لاءِ مختص ڪيو ويو آهي.

پرنسز جوليا انٽرنيشنل ايئرپورٽ، سينٽ مارٽن

ڪيريبين جي ان ٻيٽ جو ايئرپورٽ گھڻو مشهور آهي ڇو جو اتي جهاز لينڊ ڪندي وقت ٻيٽ تي ماڻهن جي مٿن جي مٿان گذرندا آهن.

ٻيٽ جي ڀرسان موجود ان هوائي اڏي جي بارڊر جي چوڌاري سياح گڏجي جهازن کي لينڊنگ يا ٽيڪ آف ڪندي ڏسندا اهن ۽ ڪيترائي ڀيرا هوا جي دٻاءَ سبب زمين تي به ڪري پوندا اهن.

7100 فوٽن جي رن وي واري ان ايئرپورٽ تي لهڻ پائلٽس لاءِ ڪنهن چيلينج کان گھٽ ناهي هوندو پر پوءِ به اتي وڏا وڏا جهاز ايندا ويندا آهن.

Tenzing-Hillary Airport، نيپال

ان هوائي اڏي کي دنيا جي سڀ کان وڏي چوٽي مائونٽ ايوريسٽ جو در مڃيو ويندو آهي ۽ دنيا جي بلند چوٽي گھمڻ لاءِ هر سال سوين جبل چاڙهو اتي پهچندا آهن.

پر پائلٽس لاءِ ٽيڪ آف يا لينڊ ڪرڻ گھڻو ڏکيو هوندو آهي ڇو جو کين بلند چوٽين جي وچ ۾ زگ زيگ سفر ڪرڻو پوندو آهي.

ان سان گڏوگڏ 1700 فوٽن جو ننڍي رن وي ۽ ايئرپورٽ تي ناڪافي سهولتن سبب به اتي لهڻ يا اتان اڏامڻ گھٽو ڏکيو هوندو آهي.

پائلٽ کي رفتار ۽ بلندي جو خاص خيال رکڻو پوندو آهي ۽ ان جي ڀرسان غلطي جي گنجائش ناهي هوندي جڏهن ته اتي موسم به اوچتو تبديل ٿيندي آهي، يعني جيڪڏهن هڪ منٽ اڳ سج جي روشني هجي ته اوچتو ڪڪر ڇائنجڻ سان ايئرپورٽ جو نظر اچڻ ڏکيو ٿي سگھي ٿو.

اها ايئرپورٽ سمنڊ جي سطح کان 10 هزار فوٽ جي بلندي تي موجود آهي تنهنڪري هوا هلڪي هوندي آهي جنهن سان به جهاز جي ڪارڪدگي متاثر ٿيندي آهي ۽ پائلٽس لاءِ جهاز کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.