ممبئي (ويب ڊيسڪ) شاهه رخ خان جي ميگا فلم ”جوان“ جي ٽريلر ۾ سپر اسٽار عاليا ڀٽ جو ذڪر اچڻ تي اداڪارا جو ردعمل سامهون اچي ويو.
ايڪشن ٿرلر فلم جو نئون ٽريلر گذريل ڏينهن رليز ٿيو آهي ۽ ان کي سڄي دنيا ۾ بهتري موٽ ملي آهي ۽ مداح به ان کي گھڻو پسند ڪري رهيا آهن.
هڪ سين ۾ شاهه رخ خان گنجي غنڊي جي روپ ۾ هڪ ميٽرو ٽرين کي هاءِ جيڪ ڪري ٿو ۽ هن جي پوليس سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي.
جڏهن پوليس طرفان اداڪار کان پڇيو وڃي ٿو ته کيس ڇا گھرجي ته اداڪار رڳو مزاحيا انداز ۾ چوي ٿو ته کيس عاليا ڀٽ گھرجي.
View this post on Instagram
عاليا ڀٽ ان منظر تي رد عمل ڏيندي انسٽاگرام تي لکيو ته ”۽ سڄي دنيا کي رڳو شاهه رخ خان گھرجي“ ڪيترو شاندار ٽريلر آهي، ست ڊسمبر گھڻو پري آهي.
بالي ووڊ ڪنگ جي اها فلم 7 سيپٽمبر تي سڄي دنيا ۾ پنجن ٻولين هندي، تيلگو، مليالم، ڪناڊا ۽ تامل ۾ رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي.