ڀان سيد آباد جي ڳوٺاڻن جو سيوهڻ پوليس خلاف احتجاج، نوجوان کي کنڀڻ جو الزام

ڀان سيدآباد ۾ ڳوٺاڻن پاران سيوهڻ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو
ڳوٺ محمد صديق مري واسين محمد هاشم، محمد صديق مري، سلطان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سيوهڻ پوليس جي ايس ايڇ او خلاف نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او مظهر نائچ بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو، پوليس اهلڪار ٻارنهن ٻڪريون ۽ سونا زيور ڦر ڪري ويا آهن
هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن نوجوان علي اڪبر مري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي سندس بازيابي لاءِ پنج لک رپيا رشوت گهري پئي وڃي
مظاهرين اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بدمست ايڇ او خلا ف ڪاروائي ڪري نوجوان کي کي بازياب ڪرائڻ سميت ڦريل ٻڪريون ۽ سامان به واپس ڪرايو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.