مودي حڪومت جون مسلم اثاثن ۾ اکيون، 123 ملڪيتون واپس وٺڻ جو فيصلو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مودي حڪومت دهلي ۾ مسلم اثاثن تي اکيون وجهي ڇڏيون، جامع مسجد دهلي سميت وقف بورڊ جون 123 ملڪيتون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مودي حڪومت جي ماتحت شهري ترقي واري وزارت وقف بورڊ جون 123 ملڪيتون واپس وٺڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
مودي سرڪار طرفان واپس ورتل ملڪيتن ۾ مسجدون، درگاهون ۽ قبرستان شامل آهن.
اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه جي حڪومت دهلي جون 123 اهم ملڪيتون وقف بورڊ حوالي ڪيون هيون، انهن ئي ملڪيتن کي مودي حڪومت واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.