ميهڙ ۾ آبادگارن پاران ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ خلاف دهل شرنايون وڄائي انوکو احتجاج ڪيو ويو
علائقي ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي بليڪ تي وڪري ۽ ڳاٽي ٽوڙ اگهن خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ آبادگارن دهل شرنايون وڄائي ميهڙ باءِ پاس کان ريلي ڪڍي اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو
ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن حاجي خان معرفاڻي، حبيب حضوري، قاسم خاصخيلي، مجيد سوڍر ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ميھڙ ۾ واپارين، اي سي ۽ مختيار ڪار جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي
هنن چيو ته آبادگار ۽ هاري ڀاڻ لاءِ پريشان آهن، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري باوجود ادارا خاموش آهن، جنهن جي ڪري فصل تباهه ٿي رهيا آهن
آبادگارن مطالبو ڪندي چيو ته منافعي خور مافيا خلاف ڪاروائي ڪري هٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرائڻ سميت ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگهه گهٽائي انصاف ڪيو وڃي
You might also like