صحافي جان محمد مهر قتل جي جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي تبديل

سکر (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي سٽي کان واپس ورتي وئي.
صوبائي گهرو کاتي موجب جان محمد مهر قتل ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي سکر جي ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
گهرو کاتي جي حڪمن تي جاچ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي عبدالقدوس ڪلوڙ ڪندو.
گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ تيز ڪئي وڃي ۽ سندس وارثن کي فوري طور فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.