ڪي اليڪٽرڪ کان معافي گهري آهي نه گهرنداسين: شرجيل گوپلاڻي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽمبر مارڪيٽ ڪراچي جي اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي چيو آهي ته اسان ڪي اليڪٽرڪ کان نه معافي گهري آهي ۽ نه گهرنداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جي تازي بيان تي ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته شرجيل گوپلاڻي معافي گهري آهي.
شرجيل گوپلاڻي چيو ته مان ڪي اليڪٽرڪ جي ان بيان جي مذمت ڪيان ٿو، مان عوام سان بدتميزي تي تشدد جو نشانو بڻجندڙ مزدور اهلڪارن کان معذرت ڪئي هئي، مان اهو انساني همدردي تحت ڪيو، ان کي ڪي اليڪٽرڪ ترجمان غلط رنگ سان پيش ڪري رهيو آهي، جنهن جي مذمت ڪيان ٿو.
هن چيو ته اسان ڪي اليڪٽرڪ کان معافي ناهي گهري ۽ نه گهرنداسين، ڪي اليڪٽرڪ هڪ مافيا آهي، جنهن مان ڇوٽڪاري لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.