پاڪ – ڀارت دنگل  کان اڳ هاردِڪ پانڊيا جو وڏو اعتراف

پاليڪيلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي  ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردڪ پانڊيا اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان خلاف ميچن ۾ اضافي دٻاءُ هوندو آهي.

آل رائونڊر چيو ته ميدان ۾ شوقينن جو ڏاڍو گوڙ هوندو آهي، پر ان کي نظر انداز ڪندي سٺي ڪارڪرگي جو مظاهرو ڪري سگهجي ٿو.

هن چيوته پاڪستاني ٽيم ويجهڙائي ۾ تمام سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان کي هڪ سٺي سائيڊ خلاف بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، پاڪستان جي ٽيم ماضيءَ ۾ ڪيئي فائنل کيڏي چڪي آهي جنهن سان ان جي ڪارڪردگي جو پتو پوي ٿو.

سندس چوڻ هوته اسان جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ شوقينن جو جذبا عروج تي هوندا آهن ٻنهي مُلڪڪن ۾ سدائين ڇڪتان رهندو آهي پر ڪرڪيٽر طور اسان گهڻو جذباتي نٿا ٿي سگهون .

هاردڪ پانڊيا چيو ته ايشيا ڪپ وڏو ايونٽ آهي جنهن ۾ سٺي ڪارڪردگي گهڻي اهميت رکي ٿي، ان سان اوهان جي صلاحيت ۽ شخصيت ۾ صبر جو اندازو به لڳائيندا آهن، ان سان پتو پوندو آهي ته اوهان ۾ سهپ جي ڪيتري صلاحيت آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جو سڀ کان وڏو دنگل ٻه سپٽيمبر تي سريلنڪا جي شهر ڪينڊي ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.