واپڊا ۽ آبي وسلين واري وزارت پاران بجلي ڪمپنين جي آفيسرن لاءِ مفت يونٽ سهولت ختم ڪرڻ جي مخالفت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) واٽر اينڊ پاور ڊيولپمينٽ اٿارٽي ( واپڊا ) ۽ آبي وسيلن واري وزارت بجلي ڪمپنين جي ملازمن کي فري يونٽس جي سهولت ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.
بجلي جي ڳرن بلن خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين پاڪستان جي هر شهر ۾ احتجاجي مظاهرا جاري آهن ۽ عوام طرفان مختلف کاتن کي ڏنل مفت بجلي ختم ڪرڻ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته واپڊا ۽ آبي وسيلن واري وزارت بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي ملازمن کي مفت يونٽس جي سهولت ختم ڪرڻ جي مخافلت ڪئي آهي.
ذريعن موجب، واپڊا ۽ آبي وسلين واري وزارت جو موقف آهي ته فري يونٽس جي سهولت ختم ڪرڻ سان ڪائي بچت نه ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل اليڪٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) فري يونٽس بدران يوٽيليٽي الائونس ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي جڏهن ته ناڻي واري وزارت طرفان بجلي فري يونٽس جي سهولت ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي اختيارين تجويز ڏني آهي ته ملازمن کي ماهوار پگهار ۾ مفت يونٽس جي برابر رقم ڏني وڃي.
ذريعن موجب، هن وقت مُلڪ ۾ هڪ لک 89 هزار 171 رٽائرڊ ۽ حاضر سورس ملازمن کي مفت يونٽَ ڏنا پيا وڃن، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي ماهوار ٽي ڪروڙ ستيتاليهه لک اٺونجاهه هزار اٺ سئو پنجويهه مفت يونٽس ڏنا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.