اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ 14 مئي تي عام چونڊ ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ 14 مئي تي عام چونڊ ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٻڌڻي ٿي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي جي شروعات تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ٻه هفتا اڳ سپريم ڪورٽ جو پنجاب ۾ عام چونڊن بابت تفصيلي فيصلو مليو آهي، عدالتي فيصلي جي روشني ۾ ڪجهه اضافي دستاويزن جمع ڪرائڻ چاهيون ٿا.
وڪيل سجيل سواتي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جي حد تائين اضافو ڪيو ويو آهي جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته هن جو نظرثاني ڪيس سان تعلق نٿو ٺهي.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي چيو ته ايندڙ هفتي تائين وقت ڏنو وڃي ته جيئن هو دليل تيار ڪري سگهي جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته جيڪو فيصلو آيو اهو ڪيس ختم ٿي چڪو آهي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته اوهان جواب هاڻي عدالت ۾ سان سان گڏ ئي پڙهو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته سيڪشن 57، 58 ۾ ترميم کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي.
جسٽس منيب اختر اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته ذهن ۾ رکو ته هي نظرثاني آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ڏيڻ ئي اختيار ناهي.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن جي ذميوارين بابت واضح آهي، جڏهن ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان 3 ڀيرا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ طاقت ناهي، ذميواري آهي، هاڻي اڳتي وڌو.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائڻ جو اختيار نٿو ڏئي، جسٽس منيب اختر چيو ته اليڪشن ڪميشن کان پڇيو ته چونڊن جي تاريخ وڌائي سگهجي ٿي يا نه؟، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ اڳتي نٿي وڌائي سگهي، اوهان نظرثاني ڪيس ۾ سندن سامهون آيا آهيون ٻيهر دليل نه ڏيو.
جسٽس منيب اختر، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته هڪ ئي دائري ۾ گهمڻ ڦرڻ بند ڪيو، آئين ڪنهن جي جاگير ناهي، ڪو به آئين جي ڀڃڪڙي يا اورانگهي نٿو سگهي، جيڪڏهن آئين تي عمل ڪرڻ ۾ ڏکيائي آهي ته عدالت ڏانهن وڃڻ گهرجي.
هن جج وڌيڪ چيو ته عدالت اليڪشن ڪميشن کان ڪيترائي ڀيرا پڇاڻو ڪيو آهي ته پنجاب جي چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سڪيورٽي ڏني وڃي ته چونڊون ڪرايون وينديون يا نه، اليڪشن ڪميشن چيو فنڊز ۽ سڪيورٽي ملي ته چونڊون ڪرائي ڇڏيندا.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن به آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته عدالت مداخلت ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو موقف ٻڌو آهي، عدالت جي ڪمري ۾ ويٺل سمورن ماڻهن جي مهرباني، اٽارني جنرل صاحب ڇا اوهان ڪجهه چوندئو؟ اليڪشن ڪميشڻ جي نظرثاني درخواست منظور نٿي ڪري سگهجي، موجودا صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشڻ جي درخواست رد ڪئي وڃي.
سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ 4 اپريل تي حڪم ڏنو هو ته پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرايون وڃن جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي……….