سنڌ جي معدنيات واري ڪم کي دجيٽل ڪرڻ جي شروعات

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي منرلز اينڊ مائينز واري نگران صوبائي نگران وزير خدا بخش مري چيو آهي ته ايندڙ هفتي اسان سڄي سنڌ جي معدنيات  واري ڪم کي ڊجيٽل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير خدا بخش مري چيو ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ پهرين ترجيح آهي، اسان کان  جيڪو به ٿي سگهندو اهو سنڌ لاءِ ڪنداسين.

هن چيو ته ايندڙ هفتي اسان سڄي سنڌ جي منرل واري ڪم کي ڊجيٽل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون،هن وقت اسان وٽ  جيڪي رجسٽرڊ منرلز آهن اسان ڏسنداسين ته  انهن جي مارڪيٽ ويليو ڇا آهي.

سندس چوڻ هو ته جتي به غير قانوني مائننگ ٿي رهي آهي ان جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، اسان ملڪ ۽ سنڌ جي بهتري لاء ڪم ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.