”عوام کي آءِ ايم ايف جي خوف کان رليف نه ڏيڻ بدترين غلامي آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته عوام کي تڪليف ۾ به آءِ ايم ايف جي خوف کان رليف نه ڏيڻ بدترين غلامي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مشتاق احمد خان چيو ته بجلي جا ڳرا بل نامنظور، آءِ ايم ايف جي غلامي نامنظور، نگران وفاقي حڪومت تسليم ڪري ورتو ته بجلي بلن ۾ رليف نه ڏينداسين.
هن چيو ته بجلي جا بل سيپٽمبر ۾ مهيني ۾ اڃا وڌي ويندا، عوام کي تڪليف ۾ به آءِ ايم ايف جي خوف کان رليف نه ڏيڻ بدترين غلامي آهي، ثابت ٿي ويو ته ملڪي خود مختياري آءِ ايم ايف وٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ عملي طور معيشت آءِ ايم ايف هلائي رهيو آهي، عوام عالمي طاقتن جي بدترين غلامي جو احساس ڪري، ادارن کي غلامي ۾ ڏيڻ جون ذميوار اڳوڻيون سڀئي حڪومتون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.