ماهرا خان پاران ستن سالن کان خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان هڪ انٽرويو دوران پنهنجي زندگي ۾ ڪيل جدوجهد تي روشني وڌي آهي.

ماهران خان انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته هو مينيڪ ڊپريشن ۾ مبتلا آهي.

هن ٻڌايو ته فلم ”رئيس“ جي رليز ٿيڻ ۽ رنبير ڪپور سان گڏ تصوير وائرل ٿيڻ کان پوءِ کيس سرحد جي ٻنهي پاسن کان ٺٺو ڪرڻ کانسواءِ ڌمڪيون به ڏنيون ويون هيون ۽ تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو هو.

ماهران خان ٻڌايو ته ان وقت منهنجي حالت گھڻي خراب ٿي وئي هئي. کيس پينڪ اٽيڪس ايندا هئا ۽ هوءَ بيهوش ٿي ويندي هئي ان کان پوءِ هن پنهنجوعلاج ڪرايو.

اداڪارا تقريبن 7 سالن کان ان بيماري سان وڙهي رهي آهي.

اداڪارا ماهرا خان چيو ته هو ڄاڻي ٿي ته اها خبر بڻجي ويندي پر هوءَ ان بابت ان ڪري ڳالهائي رهي آهي ته جيئن ماڻهو ڄاڻي سگھن ته شيون وقت سان بهتر ٿي سگھن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.