ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ، پاڪستان جي پليئنگ اليون جو اعلان ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ لاءِ قومي ٽيم جي پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ ملتان ۾ پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ کيڏي ويندي.
پي سي بي پهرين ميچ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن موجب بابر اعظم ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته شاداب خان نائب ڪپتان هوندو.
ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد نواز، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.