ملتان (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2023 جو انتظار ختم ٿي ويو ۽ اربع ڏينهن عالمي نمبر هڪ پاڪستان ٽيم ملتان ۾ افتتاحي ميچ ۾ نيپال خلاف ميدان ۾ لهندي.
اهو پهريون ڀيرو آهي جو ملتان ڪنهن ڪانٽينينٽل ٽورنامينٽ جي ميچ جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ون ڊي انٽرنيشنل ۾ پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون به پهريون ڀيرو آمهون سامهون ٿي رهيون آهن، نيپال جي ٽيم پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ کيڏي رهي آهي.
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميچ کان اڳ افتتاحي تقريب ٿيندي ۽ ميچ منجهند اڍائي وڳي شروع ٿيندي.
افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان جي ناليواري گلوڪارا آئمه بيگ ۽ نيپالي گلوڪارا تريشالا گرونگ پرفارم ڪنديون، ان موقعي تي آتشبازي جو مظاهرو به ڪيو ويندو.
Witness the Super 11 Asia Cup 2023 curtain-raiser live on 30 August at the Multan Cricket Stadium 🏟️
Enjoy live fireworks and performances by Aima Baig and Nepal’s Trishala Gurung, followed by the opening match between Pakistan and Nepal 🎆✨#AsiaCup2023 pic.twitter.com/NtWbLfoSu1
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) August 29, 2023
واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ٻه سيپٽمبر تي آمهون سامهون ٿينديون.