اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف مهم جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق خلاف سوشل ميڊيا مهم جي جاچ لاءِ خاص گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙي وئي.
گهرو وزارت طرفان خاص گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽيم بدنيتي تي ٻڌل مهم پويان حقيقتن جو پتو لڳائيندي.
ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جو ڊائريڪٽر ٽيم جو ڪنوينر هوندو، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي 19هين گريڊ جا آفيسر به گڏيل جاچ ٽيم جو حصو هوندا، اسلام آباد پوليس جا 19هين گريڊ جا آفيسر به ٽيم ۾ شامل هوندا.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته خاص گڏيل جاچ ٽيم 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ گهرو وزارت کي پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.