ڄمندي ئي اغوا ٿي ويل شخص جي ماءُ سان 42 سالن کان پوءِ ملاقات جي جذباتي وڊيو ڏسندڙ جون اکيون آليون ڪري ڇڏيو، پٽ جي ملاقات جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
چلي سان واسطو رکندڙ جمي ليپرٽ يقين ڪري ورتو هو ته سندس ڪو به مائٽ دنيا ۾ موجود ناهي ۽ هو هڪ پاليل ٻار آهي، پر هاڻ هو ٻيهر پنهنجي ماءُ ۽ خاندان سان ملي ويو آهي، 42 سالن کان پوءِ ماءُ ۽ پٽ جي ملڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا واهپيدارن کي جذباتي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جمي هڪ آرٽيڪل پڙهيو هو جنهن ۾ ڪيليفورنيا سان واسطو رکندڙ هڪ شخص جو ذڪر هو جنهن جي اغوا ٿيڻ جي گھڻن سالن بعد پنهنجي ماءُ سان ملاقات ٿي هئي.
جمي سوچيو ته متان هن جي ڪيس ۾ به ائين ئي ٿئي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو ئي واقعو جمي سان به پيش آيو ۽ کيس ڪنهن ذريعي کان خبر پئي ته سندس خاندان به آهي.
چلي، والڊيوا ۾ موجود پنهنجي اباڻي گھر جي ٻاهران جمي ليپرٽ پنهنجي اصلي ماءُ ماريا اينجليڪا گونزالوز سان ملايو ته ٻئي پنهنجا جذبا قابو ۾ نه رکي سگھيا ۽ رڙيو ڪري روئڻ لڳا جنهن کي ڏسندڙ جون به آکيون آليون ٿي ويون.
واضح رهي ته ليپرٽ ٿائيڊن نالي شخص کي سندس ڄمڻ کان فوري بعد اغوا ڪيو ويو هو جڏهن ته سندس ماءُ کي اهو اطلاع ڏنو ويو هو ته ٻار جو لاڏاڻو ٿي ويو آهي، چلي ۾ اهڙيءَ طرح جا اغوا ۽ غير قانوني طور تي ٻار پالڻ لاءِ وٺڻ جا ڪيسز عام آهن.