ميهڙ ڀرسان ڳوٺ سندو خان لاکير مان گذريل رات اغوا ٿي ويل نوجوان جي بازيابي لاءِ لاکير برادري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
لاکير برادري پاران معشوق علي، صداقت، صدر الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات دادو ڪئنال ڀرسان 3 نامعلوم ھٿيار بند نوجوان صدام لاکير کي اغوا ڪري ويا آھن اطلاع باوجود پوليس تحرڪ ناهي ورتو.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
You might also like