ڪراچي: هوٽلن مالڪن جو بجلي جي ڳرن بلن خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي ۾ هوٽل مالڪن بجلي جي ڳرن بلن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
ڪراچي ريزيڊينشل هوٽل ايسوسيئيشن بجلي جي ڳرن بلن خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي هوٽل مالڪن قائم شاهه، فيض ﷲ آغا ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي-اليڪٽرڪ ملازمن توڙي آفيسرن کي بجلي جو هڪ يونٽ به مفت ۾ نه ڏنو وڃي، اسين هوٽلن جا ڳرا بل نه ٿا ڀري سگهون ۽ جيڪڏهن هوٽلن جو ڪرايو وڌايو ته پاڪستان جي سياحت کي نقصان پهچندو.
هنن چيو ته اڳ ۾ 3 کان 4 لک بل ايندو هو ۽ هاڻي 12 کان 15 لک پيو اچي جيڪا سراسر ناجائزي آهي. جليءَ جي ٽرانسميشن لائينز کي اپگريڊ ڪري لائن لاسز ختم ڪيا وڃن ۽ بجليءَ ۾ ناجائز ٽيڪس ختم ڪيا وڃن.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته آفيسرن بجلي جي مفت فراهمي بند ڪري واپارين ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.