سانا صدر جو تعمير هيٺ 52 گھرن جو دورو، متاثر خاندانن سان ملاقات

وارھه (ويب ڊيسڪ) سانا طرفان وارھه لڳ ڳوٺ ڪوڙو بروھي ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ سانا جي مالي سهڪار سان ٺھندڙ 52 گھرن جو سانا صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپپٽو دورو ڪيو، سانا جو سينيئر ميمبر طفيل ميمڻ پڻ ساڻس گڏ هو.
سماجي تنظيم سرسو ان منصوبي تي عمل ڪرائي رھي آھي، جنھن لاءِ سانا طرفان 15 ملين رپيا ڏنا ويا آھن.
سانا جي وفد ڳوٺاڻن، خاص ڪري عورتن سان ملاقات ڪئي، جن جي نالي ھي گھر ڏنا ويا آھن، گھرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا ويا آھن.
سرسو جي مقامي عھديدارن سانا جي صدر کي ٻڌايو ته تعمير هيٺ گھر ايندڙ ٽن مھينن ۾ مڪمل ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.