بجلي جي تار چوري ڪندي 2 ڄڻا فوت

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ مبينا طور تي بجلي جي تار چوري ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 نوجوان فوت ٿي ويا جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب فيصل آباد جي علائقي چڪ جهمرا ۾ ٻني مان گذرندڙ هاءِ وولٽيج جي تارن کي پول تان ڪاٽيندي 2 نوجوان ڪنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويا.

علائقي واسين لاشن کي ٻني ۾ ڏٺو ته پوليس کي اطلاع ڪيو.

پوليس موجب سليم ۽ قاسم بجلي جي تار چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.