ايشيا ڪپ کان اڳ ڀارتي ٽيم کي وڏو لوڏو، اهم رانديگر ٽيم کان ٻاهر

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڀارتي ٽيم کي وڏو لوڏو اچي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهم بيٽر ڪي ايل راهول ايشيا ڪپ جي شروعاتي ٻن ميچن کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪي ايل راهول ٽيم جي ٻين رانديگرن سان گڏ ڪنڊيشننگ ڪئمپ ۾ شريڪ آهي پر هو 100 سيڪڙو فٽنيس ثابت نه ڪري سگهيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته راهول ٽيم سان گڏ سريلنڪا ويندو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ سڀاڻي پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو ٻه سيپٽمبر تي شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.