ڊالر مسلسل مهانگو، نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو ۽ ڊالر نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر هڪ رپيو 6 پئسا مهانگو ٿي 303 رپين 5 پئسن تي بند ٿيو، گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 301 رپين 99 پئسن تي بند ٿيو هو.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 3 رپيا واڌ سان 322 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.