سست سمارٽ فون جي اسپيڊ وڌائڻ جو سولو طريقو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ان وقت ڪيترون مونجهارو ٿيندو آهي جڏهن سمارٽ فون سستي سان ڪم ڪندي آهي.

هڪ ڪاٿي موجب سمارٽ فون واهپيدار ڊوائيس کي روز ڪيترائي ڀيرا استعمال ڪندا آهن جڏهن ان جي رفتار سست ٿي ويندي آهي ته رت سڙي ويندو آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته هڪ سولي طريقي سان اوهان پنهنجي پراڻي ۽ سست سمارٽ فون جي رفتار کي ڪافي حد تائين بهتر بڻائي سگهو ٿا ۽ اهو طريقو سمارٽ فون کي ري اسٽارٽ ڪرڻ آهي.

پنهنجو سمارٽ فون پاڻ آف ڪرڻ جو خيال گھڻن ماڻهن کي ڳڻتي ۽ بيچيني جو شڪار بڻائي ڇڏيندو آهي.

تحقيقي رپورٽس موجب 50 سيڪڙو کان وڌيڪ سمارٽ فون واهپيدار ڪڏهن به پنهنجي ڊوائسز کي سوئچ آف ناهن ڪندا.

جيڪڏهن اوهان کي به فون بند ڪرڻ جو خيال انزائٽي جو شڪار بڻائيندو آهي ته ڄاڻي وٺو ته ڊوائس کي سوئچ آف ڪرڻ فون جي زندگي ۽ ڪارڪردگي ٻنهي کي بهتر بڻائڻ جو سٺو طريقو آهي.

ماهرن طرفان فون کي لاڳيتو آن رکڻ جو مشورو ناهي ڏنو ويندو پر هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ان کي سوئچ آف ڪرڻ جو چيو ويندوآهي.

هڪ ڀيرو فون بند ٿي وڃي ته ڪجهه منٽن تائين انتظار ڪريو ۽ پوءِ ان کي ٻيهر سوئچ آن ڪريو.

ائين ڪرڻ سان فون cache جي صفائي سان گڏوگڏ اهڙي هر ايپ بند ٿي ويندي آهي جيڪا ڊوائيس کي سست بڻائڻ جو سبب بڻبي آهي.

فون کي هر هفتي هڪ ڀيرو بند ڪرڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو آهي؟

فون کي هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ڪجهه منٽن لاءِ بند ڪرڻ سان ميموري ليڪس نالي ايرر (error) جي روڪٿام ٿيندي آهي.

اهو هڪ اهڙو عام ايرر آهي جنهن کي گھڻا سمارٽ فون واهيپدار منهن ڏيندا آهن.

جڏهن ڪنهن ايپ کي ڪم ڪرڻ لاءِ ريم ميموري جي هڪ مخصوص سطح جي ضرورت هجي پر ضرورت ختم ٿيڻ تي اها ايپ ميموري کي رليز نه ڪري ته ان کي ميموري ليڪ ايرر چيو ويندو آهي.

جيڪڏهن اوهان جي فون جي ڪارڪردگي اوچتو گھڻي سست ٿي وڃي ته ان مسئلي جي پٺيان گھڻي ميموري ليڪ جو هٿ هوندو آهي.

ڪنهن ايپ جي اوپن نه ٿيڻ تي به فون ميموري استعمال ڪرڻ ۽ فون جو هر هر ري اسٽارٽ ٿيڻ به ميموري ليڪ جون ٻيون علامتون آهن.

فون کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو آف ڪرڻ جو هڪ ٻيو فائدو بيٽري لائف وڌائڻ به آهي.

عام طور تي هڪ سمارٽ بيٽري کي 300 کان 500 ڀيرا چارج ڪري سگھجي ٿو، يعني ايترا ڀيرا بيٽري کي 100 سيڪڙو چارج ڪيو وڃي ۽ پوءِ 0 سيڪڙو تائين پهچي وڃي (اهي سراسري انگ اکر آهن ڪجهه فونز جي چارج سائيڪل ان کان وڌيڪ يا گھٽ به ٿي سگھي ٿي).

ان چارج سائيڪل کان پوءِ اوهان جي ڊوائس جي گڏيل پرفارمنس اڳ جهڙي ناهي رهندي ۽ چارجنگ گنجائش به گهٽجي ويندي آهي.

فون کي ٽرن آف ڪرڻ سان بيٽري لائف کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي آهي جنهن سان فون جي زندگي به وڌندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.