ملڪ ۾ مسئلن جا انبار ڏسي دل ڏاڍي ڏکندي آھي ۽ سوچيندي آھيان ته ھر مسئلي تي ڀرپور لکي عوام کي شعور ۽ آگاھي لاءِ ڪيھون ڪري اٿاريان ته ٻيلي سجاڳ ٿيو، اک پٽيو، ھوش ڪيو، عقل کان ڪم وٺو، سوچ ۽ سمجهھ ڌاريو، ڪو ته تحرڪ وٺو، ڪو ته قدم کڻو، ڪو ته ٻوٽو ٻاريو، ڪو ته جوش ڏيکاريو، ڪو ته ميدان ملھايو، ڪجھه ته ڪيو خدارا ڪجھه ته ڪري ڏيکاريو.
اسان جي عوام جو حال ڏسي عربي ادب جي ھڪ قصي وارو پوڙھو شيخ ياد ايندو اٿم جنھن کي پنھنجو ڪڪڙ ڏاڍو پيارو ھوندو ھو. ھڪ ڏينھن اوچتو اھو ڪڪڙ چوري ٿي ويو شيخ پنھنجا نوڪر چاڪر ڊوڙايا. سڄي قبيلي جو ذرو ذرو ڳولين پر ڪڪڙ ھٿ نه آيو نوڪرن مالڪ کي چيو ته ڪو جانور کائي ويو ھوندس پوڙھي شيخ کين کنڀ ۽ کل ڳولڻ لاءِ چيو نوڪر حيران ٿيا ۽ ڳولا ڪين پر ڪجھه نه مليو. پوڙھي شيخ ھڪ اٺ ذبح ڪرايو ۽ سڄي قبيلي وارن جي دعوت ڪيائين. ماني کانپوءِ شيخ پنھنجي ڪڪڙ جي گم ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ۽ سڀني کي ڪڪڙ ڳولرائڻ ۾ مدد جي درخواست ڪيائين ڪجھه ماڻھن طنزيه کلي ڏنو. ڪن پوڙھي کي خبطي سمجھيو پر کيس پڪ ڏنن ته ڪوشش ڪنداسين. ٻاھر اچي ڪڪڙ لاءِ اٺ ڪھي دعوت ڪرڻ تي ڏاڍا تبصرا ڪين ۽ ٺٺوليون ڪين ڪجھه ڏينھن گذريا ته قبيلي مان ٻڪري چوري ٿي وئي. غريب جي ھئي جنھن ڳولا ڪئي پر نه ملي. سوچپ ڪري ويھي رھيو. جڏھن اھا خبر پوڙھي شيخ کي پئي ته ان وري اٺ ڪھي دعوت ڪئي جڏھن سڀ ماني کائي واندا ٿيا ته پوڙھي وري ڪڪڙ جي ڳولا ۽ ٻڪريءَ جو قصو ڇيڙيو ھن ڀيري ڪن ماڻھن کيس برو ڀلو چيو ۽ ڪن دلاسا ڏنا ته ڪا وڏي ڳالھه ناھي صبر ڪر ۽ ماٺ ڪري ويھي رھ، اڳئي ٻه اٺ ڪھي گھڻو نقصان ڪري چڪو آھين اڃان ٽي ڏينھن مس گذريا ته ھڪ ٻئي شيخ جي گھر ٻاھران بيٺل اُٺُ چوري ٿي ويو. ان شيخ نوڪرن کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا ۽ پوءِ چپ ڪري ويھي رھيو اھو سوچي ته ھُو ايڏو امير آھي اھو ھڪ اٺ ڪھڙي اھميت ٿو رکي جو اجايو پريشان ٿجي. اھا خبر جڏھن پوڙھي شيخ کي پئي ته ان وري اٺ ڪھي دعوت ڪئي. مانيءَ کانپوءِ ان سرسري طور چوري ٿيل اٺ جو ذڪر ڪندي وري به پنھنجي ڪڪڙ کي ياد ڪيو ۽ قبيلي کي عرض ڪيائين ته کيس ڪڪڙ ڳولي ڏين اھو ٻڌي سڀني کي چڙ لڳي وئي ۽ پوڙھي شيخ کي چين جيڪڏھن وري ڪڏھن تو ڪڪڙ جي ڳولا جي ڳالھه ڪئي ته قبيلو تو سان ناتا ڇني ڇڏيندو. شيخ جي پٽن به مھمانن کان لڄي ٿيندي ۽ معافي وٺندي موڪلايو ته پڻس ھڪ ڪڪڙ تان ٽي اٺ قربان ڪيا آھن ۽ لڄي الڳ ڪيو اٿس پڪ بابو چريو ٿي ويو آھي پر کين خبر نه ھئي ته:
چھرون کي کتابون مين الفاظ نھين ھوتي،
ھر اِک شکن خود مين اِک پوري کھاني ھي.
پندرنھن ڏينھن گذريا ته قبيلي جي ھڪ ڇوڪري کوھ تي پاڻي ڀرڻ وئي ۽ وري واپس نه پھتي. ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو. سڄي قبيلي جي عزت داءَ تي لڳي وئي، قبيلي جي جوانن جٿا کڻي ٺاھيا پھرين ھڪ ڳوٺ پوءِ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻھو به ساڻن شامل ٿيا ھر ھڪ ڳوٺ ۾ ڳولا ڪئي وئي کين خبر پئي ڳوٺ جي ڀرسان جبل جي غار ۾ ڪجھه وقت کان ڪي چور لڪل آھن ڳوٺاڻن ۽ قبيلي وارن جبل جي غار تي ڇاپو ھنيو ويڙھ ۽ مرڻ مارائڻ کانپوءِ ڇوڪري ھٿ ڪري ورتن ۽ ماڻھن اتي اٺ، ٻڪري ۽ ڪڪڙ جون باقيات به ڏٺيون. تڏھن وڃي سڀني کي احساس ٿيو ته پوڙھو شيخ کين ڪھڙي ايندڙ طوفان کان آگاھ ڪري رھيو ھو ۽ کين ڪڪڙ جي ڳولا لاءِ چئي رھيو ھو، جيڪڏھن قبيلي وارا ڪڪڙ لاءِ متحد ٿي وڃن ھان ته ڳالھه عزت ۽ آبرو تائين نه پھچي ھا. ڳوٺاڻا ھر واقعي کي قسمت چئي پوڙھي تي چٿرون ڪري رھيا ھئا.
اصل ۾ جنھن کي اسين اڪثر ڪري قسمت چوندا آھيون. حقيقت ۾ اھا اسان جي حماقت اڻ ڄاڻائي، بي وقوفي ۽ بي خبري يا وري بزدلي ھوندي آھي جنھن کي اسين قسمت جو نالو ڏئي ڇڏيندا آھيون، اھا سڀ کان وڏي جھالت ۽ بي شعوري آھي جيڪا اسان کي روز نون مسئلن، مشڪلن ۽ مصيبتن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندي ٿي وڃي. اسانجي قوم به ڪڪڙن مھل اک پٽي ھان ته اڄ ڳالھه آبرو، ننگن، دنگن ۽ حقن تائين نه پھچي ھان پر اسان جي ماٺ، لاعلمي، بي ڌياني، عدم دلچسپي ۽ مسئلن کان غير سنجيدگي ۽ لاتعلقي اڄ اسان کي اھڙن چورن جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي جو اسان جو سڀ ڪجھه لٽجي رھيو آھي پر اسين ڪجھه نٿا ڪري سگھون ڇو ته اسان ڪڪڙ مھل اک نه پٽي پر ھينئر به وقت ويو ناھي.
مان به پوڙھي شيخ جيان ڪالمن ۾ ڪوٺ ڏئي قوم کي ايندڙ خطرن کان آگاھ ڪندي کين بچاءَ لاءِ متحد ٿيڻ وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ واڪا ڪندي ٿي رھان من ڪو سجاڳ ٿي ھن غفلت ۽ جھالت جي ننڊ مان اٿي پون ۽ نسلن جا نقصان ٿيڻ کان بچي پئون. عربي چوڻي آھي ته ” ھڪ نسل جي جھالت، ٻئي نسل جي روايت ۽ اھا ٽئين نسل جو عقيدو بڻجي ويندي آھي“ تنھن ڪري اھڙي سوچ جو خاتمو آڻي ڪڪڙ تي متحد ٿيڻ جو مثال قائم ڪيو.