راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ جنسي ۽ جسماني تشدد ۾ مارجي ويل ٻارڙي فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ اسد شاهه جي ڊرائيور سميت وڌيڪ 12 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مک جوابدار حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه هيل تائين روپوش آهن.
ان کان اڳ گرفتار ڪيل ٽن جوابدارن کي جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ايس ايڇ او بي ڏوهي قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته جوابدارن وٽ ثبوت آهن ته هو بيڏوهي آهن ۽ کين آزاد ڪيو ويو آهي.