پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ خوفناڪ حادثا ٿيا آهن جن کي ڏسي ۽ ٻڌي سڄي قوم ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي.
اهڙو ئي واقعو موٽر وي ريپ ڪيس جو هو، هي اهو واقعو هو جنهن کانپوءِ ماڻهو موٽروي تي سفر ڪرڻ کان لنوائيندا هئا، هڪ واقعي سبب هڪ سڄو سارو ڪٽنب اهڙو تڪليف مان گذريو جنهن کي هر ڪو سمجهي نٿو سگهي.
واقعي جي متاثر عورت جي سڃاڻپ لڪائي وئي هئي پر هيل تائين کيس انصاف ناهي ملي سگهيو.