چار سال شادي کي ٿيا، اولاد نه ٿي، اوچتو 4 ٻارن جي پيدائش!

ٽونڪ(ويب ڊيسڪ) اڪثر عورتن جي ڊليوري بابت ڪيترائي حيران ڪندڙ معاملا سامهون ايندا رهندا آهن جن ۾ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ٻارن جي پدائش شامل آهي.

اهڙو ئي معاملو ڀارتي راجسٿان ۾ سامهون آيو.

ٽونڪ شهر جي وزيرپورا ۾ رهندرهڪ عورت هڪ ئي وقت 4 ٻارن کي جنم ڏنو.

هي پنهنجي نوعيت جو ضلعي ۾ پهريون ڪيس آهي.

ٻار ۽ ماءُ ٻئي صحتمند آهن ۽ عورت جي گهرڀاتين پاران جشن ملهايو پيو وڃي ڇو ته چئن ٻارن ۾ 2 ڇوڪريون ۽ 2 ڇوڪريا آهن.

جوڙي جي چار سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ چئن سالن بعد چئن ٻارن جو اولاد ٿيڻ واقعي خوشي جو موقعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.