”کنڊ جي ڊبل سينچري پري ناهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي هول سيل بازار ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ رڪارڊ 6 رپيا واڌ ٿي وئي.
هول سيل گوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين رئوف ابراهيم موجب کنڊ جي في ڪلو قيمت 163 رپين جي تاريخي سطح تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ايڪس مل جي قيمت ۾ به 5 رپيا 50 پئسا واڌ ٿي آهي.
في ڪلو ايڪس مل کنڊ جي قيمت 160 رپين 50 پئسن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، ريٽيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت رڪارڊ سطح 170 کان 180 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.
رئوف ابراهيم چيو ته مارڪيٽ ۾ اڄ ڪلاڪن جي حساب سان في ڪلو کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جاري رهي، هول سيلرز کي به مهانگي اگهن تي بھ کنڊ نه پئي ملي، پهرين آگسٽ کان هيل تائين کنڊ جي اگهه ۾ 21 رپيا في ڪلو واڌ ٿي چڪي آهي، اها ئي صورتحال رهي ته کنڊ جي ڊبل سينچري پري ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.