دل جي حرڪت بيهجي وڃڻ يا ڪارڊڪ اريسٽ سان موت جو خطرو وڌي ويندو آهي.
حقيقت ۾ موجودهه دور ۾ فوتگين جي وڏن سببن ۾ ڪارڊڪ اريسٽ جو نالو به شامل آهي.
هاڻ طبي ماهرن ڪارڊڪ اريسٽ کان اڳ ظاهر ٿيندڙ علامتن جي نشاندهي ڪئي آهي.
آمريڪا جي Cedares-Sinai Medical Center جي تحقيق ۾ انهن علامتن بابت ٻڌايو ويو جي ڪارڊڪ اريسٽ جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن کي دل جا فعلن بيهجڻ کان 24 ڪلاڪ اڳ ٿينديون آهن.
تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته عورتن ۽ مردن ۾ تنبيهي علامتون مختلف هونديون آهن.
عورتن ۾ ڪارڊڪ اريسٽ جي سڀ کان نمايان علامت ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيڻ هوندي آهي جڏهن ته مردن ۾ ان حوالي سان عام علامت سيني ۾ تڪليف آهي.
ڪارڊڪ اريسٽ جو شڪار ڪجهه مانهن کي فلو جهڙيون علامتون ٿي سگھن ٿيون.
واضح رهي ته ڪارڊڪ اريسٽ جو شڪار 90 سيڪڙو ماڻهن جو موت ٿي ويندو آهي تنهنڪري طبي مسئلي جون امڪاني علامتون ڄاڻڻ سان مريضن جي زندگي بچائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
ان تحقيق لاءِ محققن ڪارڊڪ اريسٽ جي حوالي سان آمريڪا ۾ جاري 2 تحقيقي رپورٽس جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.
ٻنهي تحقيقي رپورٽس جي ڊيٽا مان محققن کي مريضن ۾ نظر آيل علامتن جو تجزيو ڪرڻ ۾ مدد ملي.
هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪارڊڪ اريسٽ جو شڪار 50 سيڪڙو ماڻهن ۾ 24 ڪلاڪ اڳ گھٽ ۾ گھٽ هڪ علامت ضرور ڏسڻ ۾ ايندي آهي جڏهن ته ٻي تحقيق جا نتيجا به ان سان ملندڙ جلندڙ هئا.
محققن ٻڌايو ته اها ان نوعيت جي پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ ڪارڊڪ اريسٽ جي تنبيهيه علامتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.
هنن ٻڌايو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق مان وڌيڪ علامتن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي جنهن سان ڪارڊڪ اريسٽ جي مريضن کي بچائڻ ممڪن ٿي سگھندو.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل The Lancet Digital health ۾ ڇپيل آهن.
You might also like