آمريڪا: دهشتگردي جي الزام ۾ پاڪستاني ڊاڪٽر کي سزا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست مني سوٽا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽر کي دهشتگردي جي الزام هيٺ سزا ٻڌائي وئي.
آمريڪي ميڊيا موجب 31 ورهين جي پاڪستاني ڊاڪٽر محمد مسعود داعش لاءِ ڪم ڪرڻ جي ارادي جو اعتراف ڪيو هو، هو مني سوٽا جي ميڊيڪل ڪمپني لاءِ ڪم ڪري رهيو هو.
ڊاڪٽر محمد مسعود جنوري کان مارچ 2020ع ۾ دهشتگرد تنظيم داعش ۾ شموليت ۽ ان لاءِ اردن وڃڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو هو.
ڊاڪٽر محمد اسعود H1B ويزا تي آمريڪا آيو هو، کيس مارچ 2020ع ۾ مني ايپلس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو.
مسعودي جي گرفتاري کان پوءِ آمريڪي ايف ٻي آءِ جي جوائنٽ ٽيررسٽ ٽاسڪ فورس جاچ ۾ حصو ورتو هو جڏهن ته گذريل سال آگسٽ ۾ ڊاڪٽر محمد مسعود اعتراف ڪيو هو ته هو دهشتگرد تنظيم کي سپورٽ ڪرڻ جو ارادو رکي پيو.
مني سوٽا جي عدالت دهشتگردي جي الزام ۾ ڊاڪٽر محمد مسعودي کي 18 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.