قمبر: ٻه ڀينرون پاڻي جي کڏ ۾ ڪِري فوت

قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ويجهو ٻه ڀينرون پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون.
ڳوٺ حمزا چچو ۾ 8 ورهين جي ساجدا ۽ 12 ورهين جي مجيدا پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون.
فوتي نينگرين جي پيءُ محمد خان مگسي چيو ته زرعي زمين ۾ ساريالي فصل کي ڀاڻ ڏئي رهيا هئاسين ته پير ترڪڻ سبب ٻارڙي ڪري پئي، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ سندس ڀيڻ به پاڻي ۾ ٻڏي وئي.
ٻنهي کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.