”مان ڪم بدلي ڪنهن کي فائدو نه ڏنو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا جويريا سعود انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽريءَ ۾ ڪم بدلي فائدا حاصل ڪرڻ جي روايت موجود هئي ۽ ماضي ۾ مون کي به ڪيترائي مقبول ڪردار ان ڪري نه ڏنا ويا، ڇو ته مان ڪنهن کي فائدو نه ڏنو.
هڪ انٽرويو ۾ جويريا سعود چيو ته منهنجي ۽ سعود جي شادي گهر ڀاتين جي مرضي سان ٿي هئي ۽ اسان جي وچ ۾ اڳ ۾ محبت نه هئي پر شادي کانپوءِ ٿي وئي.
هن اعتراف ڪيو ته مون کي شوبز انڊسٽري ۾ اچڻ لاءِ ڪي ڏکيائيون پيش نه آيون پر ڪم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون ضرور پيش آيون.
ڪم بدلي فائدا ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي جويريا چيو ته ماضي ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪم وڌيڪ ملندو هو، جيڪي ان جي بدلي ٻين کي ڪو نه ڪو فائدو پهچائيندا هئا پر منهنجي طبعيت اهڙي نه هئي، مان ڪنهن کي فائدو نه ڏيندي هيس، جنهن سبب مون کي ڪيترائي مقبول ڪردار نه مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.