ڪراچي ۾ ڪنڊيڪٽر هلندڙ بس تان ڪِري فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪنڊيڪٽر هلندڙ بس تان ڪِري فوت ٿي ويو.
ڪياماڙي ۾ مسافر بس پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهي هئي ته اوچتو رفتار پڪڙڻ سبب در تي بيٺل ڪنڊيڪٽر لوڏو اچڻ جي ڪري هيٺ ڪِري پيو.
ڪنڊيڪٽر روڊ تي ڪِرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، هو اسپتال منتقل ڪرڻ کان اڳ ئي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.