پاڪستان مخالف فلم کي سنجيده نه وٺو: سني ديول

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سني ديول چيو آهي ته پاڪستان مخالف فلم ”غدر ٽو“ کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي، اڄڪلهه ڊجيٽل دنيا ۾ تمام گهڻي بڪواس به هلي رهي آهي.
هڪ انٽرويو ۾ ڏسندڙن طرفان فلم کي پاڪستان مخالف قرار ڏيڻ تي سني ديول چيو ته بنيادي طور تي اهو هڪ سياسي معاملو آهي، اها فلم عام ماڻهن بابت ناهي، ڇو ته آخر ۾ سڀني اختلافن يا تڪرارن باوجود اسان سڀ انسان ئي آهيون.
هن چيو ڀلي پاڪستان هجي يا ڀارت، مان ڪڏهن به ڪنهن تي تنقيد ناهي ڪئي يا گهٽ ناهي سمجهيو، مان ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ تي يقين ناهيان رکندو ۽ تارا سنگهه به اهڙو ڪردار ناهي.
سندس چوڻ هو ته سئنيما انٽرٽينمينٽ لاءِ آهي، توهان فلم ڏسي وساري ڇڏيندا آهيو ۽ ان جي ڪهاڻي مان نڪري ويندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.