”ملڪيت منهنجي نالي ڪَر“ پٽ جو پيءَ تي وحشياڻو تشدد

پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) پاڪپتن ۾ پٽ ملڪيت نالي ڪرڻ جو مطالبو پورو نه ڪرڻ تي پيءَ کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
اهو افسوسناڪ واقعو پاڪپتن ۾ پيش آيو، جتي پٽ ساٿي سان گڏجي پيءَ کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، بدبخت پٽ پيءَ کي جوتا هنيا، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، رڳو اهو ئي نه پر هو گهر جو قيمتي سامان به کڻي ويو.
واقعي کانپوءِ پيءُ زخمي حالت ۾ ٿاڻي پهتو ۽ هن پٽ فهد خلاف ڪيس داخل ڪرائي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.